اولاڪ/ اولاق

اولاڪ/ اولاق: آڳاٽي وقت ۾ سنڌ ۾ ٽپال پهچائيندڙ گهوڙو يا اُٺ اولاڪ سڏبو هو. اصل ۾ ”الاغ“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ٽپال پهچائڻ واري خاص گهوڙي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ لفظ جو اچار ’اولاڪ‘ يا ’اولاق‘ ڪري ڪم آڻيندا آهن. ترڪي ٻوليءَ ۾ ’اُلاغ‘ جي معنيٰ آهي ”ٽپال جي چوڪي“. اُن زماني ۾ ٽپال پهچائڻ لاءِ سرڪاري گهوڙا مقرر هئا، جيڪي چئن ڪوهن تي بدلبا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو